رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ اڄڪلهه سخت گرمي رڪارڊ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب انتظاميا حج پانڌيئڙن کي خيمن جي رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سعودي پريس ايجنسي موجب سعودي عرب جي حق ۽ عمري بابت وزير توفيق الربيعه پانڌيئڙن کي درخواست ڪئي آهي ته خميس تي عرفات جي ڏينهن اهي پنهنجي خيمن مان صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين ٻاهر نه نڪرن.
صحت واري وزارت به چيو آهي ته عرفات جي ڏينهن پانڌيئڙا جبلن تي چڙهندا آهن، جيڪو انتهائي جسماني مشقت جو سبب بڻجندو آهي ۽ ڏينهن لڳڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي، تنهن ڪري کين تنبيهه ڪئي پئي وڃي.
سعودي پريس ايجنسي موجب هن سال حج دوران گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي وڃڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
You might also like