پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي خاص هدايت تي خيبر پختونخواهه جي جيلن ۾ قيد 220 معمولي ڏوهن وارن قيدين جا قيد اڪلائيندي کين آزاد ڪيو ويو.
چيف جسٽس ايس ايم عتيق شاهه جي خاص هدايت تي سڄي صوبي جي جيلن ۾ لاڳاپيل سيشن ججن ۽ ميجسٽريٽن دورا ڪيا.
ان موقعي تي معمولي نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث 220 جوابدارن جا ڪيس جيلن ۾ اڪلائيندي کين آزاد ڪيو ويو ته جيئن اهي عيد جون خوشيون پنهنجي گهروارن سان ملهائي سگهن.
You might also like