خوراڪ جي ناليواري ماهر ڪيون ڊيوڊ چانورن، پٽاٽن، نوڊلز ۽ پاستا مان صحتياب فائدا حاصل ڪرڻ جو خاص طريقو ٻڌايو آهي.
هن جو چوڻ آهي ته جڏهن اسين اهڙيون شيون گرم گرم کائيندا آهيون ته انهن جو نشاستو (اسٽارچ) پيٽ ۾ وڃي فوراً شگر ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اها شگر استعمال نه ٿئي ته اها چرٻي بڻجي وزن وڌائي ٿي ۽ ذيابيطس جو سبب بڻجي ٿي.
صحيح طريقو اهو آهي ته انهن خوراڪن کي ٿورو ٿڌو ڪري کائجي، ڇو ته ٿڌي ٿيڻ سان انهن جو گهڻو نشاستو "مزاحمتي” (resistant starch) بڻجي ٿو، جيڪو فائبر جيان ڪم ڪري ٿو. هي نشاستو آهستي آهستي هضم ٿئي ٿو، جنهن ڪري رت ۾ شگر هڪدم نه وڌي ٿي ۽ توانائي به آهستي آهستي ملي ٿي.
انهن خوراڪن کي ٿڌو ڪري مناسب مقدار ۾ کائڻ گهرجي، بلڊ شوگر نارمل رهندي، وزن نه وڌندو، معدو صحتمند رهندو ۽ اوچتو ڪمزوري محسوس ٿيڻ کان به بچي سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت اوهين رب تعاليٰ جي نعمتن مان نه رڳو مزو وٺي سگهندا، پر غذائيت به حاصل ڪندا.