نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊين نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌي چيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ اشارو ڪيو، فون تي چيو ته نريندر سرينڊر، مودي جي حضور چوندي ٽرمپ جي اشاري تي عمل ڪيو.
ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر ڀوپال ۾ پنهنجي پارٽي جي هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راهول گانڌي چيو ته هي هڪ سيڪنڊ ۾ سرينڊر ڪري ڇڏيندا آهن، ٿورو دٻاءُ پوندو آهي ته چوندا آهن سرينڊر ٿا ڪيون.
هن چيو ته مان بي جي پي وارن کي چڱي ريت سڃاڻان ٿو، انهن تي ٿورو دٻاءُ وجهو ته ڀڄي ويندا آهن، انهن کي شروع کان ئي سرينڊر ڪرڻ جي عادت آهي.
Next Post
You might also like