اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي عيد جي ڏينهن ۾ جابلو علائقن ۾ سخت گرمي ۽ مٿانهن علائقن ۾ برساتن جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عيد جي ڏينهن ۾ دير، سوات، چترال ۽ ڪوهستان ۾ برسات جو امڪان آهي، تيز هوائن ۽ برسات سان ڪمزور انفرا اسٽرڪچر کي نقصان پهچي سگهي ٿو، سياح ۽ مسافر احتياط ڪن.
موسميات کاتي موجب اڄ کان 5 جون تائين مري، ڪشمير، گلگت بلتستان، چترال، دير ۽ سوات ۾ برسات جو امڪان آهي.
3 ۽ 4 جون تي اسلام آباد، پنجاب جي وچولن ۽ مٿانهن علائقن ۽ خيبر پختونخواهه ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پئجي سگهي ٿو.
You might also like