تيز برساتون، ڀارت ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب 3 فوجي اجل جو شڪار، 6 گم

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊين آرمي چيو آهي ته ملڪ جي اتر اوڀر حصي ۾ تيز برساتن جي نتيجي ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب سڪم رياست ۾ سومر ڏينهن 3 فوجي اجل جو شڪار ۽ 6 گم ٿي ويا آهن.
اختيارين موجب اتر اوڀر حصي ۾ گذريل چئن ڏينهن دوران چوماسي جي برساتن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 34 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
ڀارتي موسميات کاتي ملڪ ۾ وڌيڪ شديد برساتن جي اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.