حمل لاءِ عورت جي عمر جي حد ڪهڙي آهي؟ اهم ڄاڻ

جيئن جيئن عمر وڌندي آهي، عورت ۾ حمل بيهڻ جو امڪان گهٽ ٿي ويندو آهي، ان سان گڏوگڏ وڏي عمر ۾ ماءُ بڻجڻ سان حمل جي حوالي سان ڏکيائيون وڌڻ جو خدشو رهندو آهي.
تنهن ڪري سوال اهو آهي ته عورت جي ڳورهاري ٿيڻ جي مناسب عمر ڇا آهي؟
سائنسي لحاظ سان ڏسجي ته عورت جي ٻار ڄڻڻ لاءِ بهترين عمر 20 کان 35 سالن جي وچ ۾ آهي، ان عرصي ۾ عورت جو جسم جينياتي، هارمونز ۽ زرخيزي جي لحاظ سان بهترين حالت ۾ هوندو آهي، جڏهن ته 35 سالن کانپوءِ عورتن ۾ حمل جي حوالي سان خطرا وڌڻ شروع ٿين ٿا، جهڙوڪ هاءِ بلڊ پريشر، جينياتي بيماريون (ڊائون سنڊروم وغيرا.
عمر وڌڻ سان عورت جي بيضن جو انگ گهٽ ٿيندو ويندو آهي، جڏهن ته بيضن جو معيار به اڳ جهڙو ناهي رهندو.
هڪ عورت 35 سالن کان پوءِ به ٻار ڄڻي سگهي ٿي پر صحت جي حوالي سان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.