رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان فلسطيني اختيارين جي دعوت تي رام الله جو دورو ڪرڻ وارو هو، پر اسرائيل طرفان اجازت نه ملڻ سبب اِهو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي.
سعودي ذريعن برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته فيصل بن فرحان پنهنجو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ساڻس گڏ عرب ملڪن جا پرڏيهي وزير به فلسطيني صدر سان ملاقات لاءِ آچر تي رام الله پهچڻا هئا.
ذريعن موجب، سعودي عرب، مصر، اردن، قطر ۽ گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزيرن کي گڏيل دوري لاءِ دعوت ڏني وئي هئي، پر اسرائيل کين رام الله وڃڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
ان رويي تي عرب ملڪن طرفان سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو ۽ اسرائيلي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي.
اردن جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته هي عمل عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اسرائيل جي قبضي واري ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو.
واضح رهي ته دوري دوران عرب پرڏيهي وزيرن جي فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات طئي ٿيل هئي، جيڪا هاڻ ملتوي ٿي وئي آهي.