ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيد الاضحيٰ دوران ٽرانسپورٽرن طرفان واڌو ڀاڙن جي شڪايتن جي ترت ازالي لاءِ سنڌ حڪومت اهم قدم کنيو آهي.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٽرانسپورٽ کاتي جي سڀني عملدارن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن.
صوبائي ٽرانسپورٽ اٿارٽي، ريجنل ۽ ضلعي ٽرانسپورٽ اٿارٽيز جي سمورن آفيسرن ۽ عملي جي موڪلون رد ڪندي، عيد جي ڏينهن دوران سندن ڊيوٽي لازمي قرار ڏني وئي آهي ته جيئن ڪنهن به مسافر سان زيادتي نه ٿئي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عيد جي موقعي تي لکين ماڻهو سفر ڪن ٿا، ان ڪري اسان جو فرض آهي ته کين سهولتون مهيا ڪريون. واڌو ڀاڙن جي شڪايتن لاءِ فيلڊ آفيسرن جي وقت سر ردعمل نه ملڻ جي صورت ۾ شهري سڌو ڊپٽي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سان
03462522641 تي رابطو ڪري سگهن ٿا.
هن خبردار ڪيو ته ڪنهن به ٽرانسپورٽر کي اجازت نه ڏني ويندي ته هو عوام جي مجبوري جو فائدو وٺي ۽ جيڪو به واڌو ڀاڙو وٺندو، ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
شرجيل ميمڻ عوام کي اپيل ڪئي ته هو مقرر ڪيل سرڪاري ڀاڙن کان وڌيڪ رقم ادا نه ڪن، جيڪڏهن ڪو ٽرانسپورٽر اضافي ڀاڙو وٺي ته فوري طور تي لاڳاپيل عملدارن کي اطلاع ڏنو وڃي ته جيئن ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي.
عيد تي واڌو ڀاڙو وٺندڙ خلاف ڪارروائي جو اعلان، ٽرانسپورٽ کاتي جي عملدارن جون موڪلون رد
You might also like