نوري آباد (ويب ڊيسڪ) نوري آباد ڀرسان ايم نائين موٽروي تي حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته ٻه ٻار سخت زخمي ٿي پيا.
ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ وين اڳيان ويندڙ گاڏي سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ ڪراچي جي طارق روڊ جو رهواسي 41 ورهين جو محمد عمر خرم فوت ٿي ويو، جڏهن ته 10 ورهين جو بلاول ۽ 14 ورهين جو عزيز زخمي ٿي پيا.
حادثي کان پوءِ فوتي جو مڙهه ۽ زخمين کي ٿاڻو بولا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب، حادثي جي جاچ جاري آهي.
Next Post
You might also like