منشيات فروش گروهه هٿان پنج موسيقار اغوا کانپوءِ قتل، 9 شڪي گرفتار

رينوسا (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو جي شهر رينوسا ۾ هڪ منشيات فروش گروهه پنجن موسيقارن کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ مبينا طور قتل ڪري ڇڏيو،
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، واقعو آمريڪي سرحد ويجهو پيش آيو جتي موسيقار هڪ ڪنسرٽ لاءِ موجود هئا.
پنج ئي موسيقار ميڪسيڪو جي رياست تاموليپاس مان 25 مئي تي لاپتا ٿيا هئا.
رياست جي اٽارني جنرل اورنگ بيربوس موجيڪا موجب، اغوا ڪندڙن طرفان موسيقارن جي آزاديءَ لاءِ سندن مائٽن کان ڀنگ جو مطالبو به ڪيو ويو هو.
واقعي کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات فروش گروهه گلف ڪارٽيل جي نون مبينا ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کان موسيقارن جي اغوا ۽ قتل بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.