حج پانڌيئڙن کي گرميءَ کان محفوظ رکڻ لاءِ ڪهڙا انتظام ڪيا ويا؟ تفصيل پڌرا

مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) سال 2025ع جو حج سيزن شروع ٿي چڪو آهي، جتي سخت گرمي کي نظر ۾ رکندي سعودي عرب جي اختيارين پاران حج پانڌيئڙن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ غيرمعمولي قدم کنيا ويا آهن.
سعودي عرب جي حج واري وزير توفيق الربيعه موجب، وڌندڙ گرمي پد موجوده حج سيزن اسان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي.
هن چيو ته گذريل سال دوران گرمي پد 51.8 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتو، جنهن سبب 1300 کان وڌيڪ پانڌيئڙا فوت ٿي ويا هئا.
وزير ٻڌايو ته هن سال سعودي انتظاميا اڳواٽ ئي حفاظتي اپائن کي ٻيڻو ڪندي 40 کان وڌيڪ سرڪاري ادارن ۽ 2 لک 50 هزار کان وڌيڪ اهلڪارن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي ته جيئن سخت گرمي جي صورت ۾ پانڌيئڙن جي حياتي محفوظ رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.