آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر به پي ايس ايل جي رنگن ۾ رڱجي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل 10 جي فائنل ۾ لاهور قلندرز جي دعوت تي آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر شرڪت ڪئي، جتي هن قلندرز جي شرٽ پائي، چوڪن ۽ ڇڪن تي تاڙيون وڄايون ۽ رانديگرن کي داد ڏني.
نيٽلي بيڪر فائنل کانپوءِ ٽيم سان گڏ گرائونڊ جو چڪر به لڳايو ۽ ٽورنامينٽ جي پڄاڻيءَ واري ۾ صدر ۽ ٻين مهمانن سان گڏ شرڪت ڪئي.
لاهور قلندرز جي سي اي او عاطف رانا سندس حمايت تي ٿورا مڃيا، جڏهن ته نيٽلي بيڪر قلندرز جي پليئرز ڊيولپمينٽ پروگرام جي پڻ واکاڻ ڪئي.
واضح رهي ته هوءَ ان کان اڳ به راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ قلندرز ۽ زلمي جو ميچ ڏسي چڪي آهي، سوشل ميڊيا تي سندس تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ مداح ان تي دلچسپ قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.