ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ)ڪويت حڪومت 19 سالن کانپوءِ پاڪستانين لاءِ ڪم، فيملي، وزٽ، سياحتي ۽ ڪمرشل ويزائون جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪويت پاڪستانين لاءِ وڏي سهولت جو اعلان ڪندي ويزائن تي 2011ع کان مڙهيل جي پابندي ختم ڪري ڇڏي، جيڪا سيڪيورٽي خدشن سبب لڳائي وئي هئي.
هاڻي پاڪستاني شهري مختلف قسمن جون ويزائون آن لائين طريقي سان حاصل ڪري سگهن ٿا، ڪويت جلد پاڪستان مان 1200 نرسون به صحت شعبي لاءِ ڀرتي ڪندو.
سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت جي فوڪل پرسن ان فيصلي کي سٺو سنئوڻ آئند قرار ڏيندي چيو ته ان سان هزارين پاڪستانين لاءِ روزگار، واپار ۽ سياحت جا در کولي ويا آهن.
You might also like