پاڪستاني رانديگرن کي هڻ هڻان بدران سمارٽ ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي: هيڊ ڪوچ

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن چيو آهي ته رڳو جارحاڻي انداز سان نه پر سمارٽ ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان سڀني کي پنهنجي موجودا ٽيم رينڪنگ جو پتو آهي، ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ جديد ڪرڪيٽ جي گهرجن پٽاندڙ کيڏڻو پوندو.
مائڪ هيسن چيو ته محمد رضوان ۽ بابراعظم وائيٽ بال ڪرڪيٽ جا بهترين رانديگر آهن، اسان پنهنجي حڪمت عملي تحت ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سندس پاڪستان ڪرڪيٽ سان ٻن سال جو معاهدو آهي، جنهن دوران ٻه ورلڊ ڪپ ٿيندا ۽ هو چاهيندو ته سندس ڪوچنگ ۾ گرين شرٽس سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.