شھيد عرفان لغاري جو لاش تحويل ۾ وٺڻ خلاف مظاهرا

حيدرآباد(نمائندا) حيدرآباد پوليس پاران شھيد عرفان لغاري جي لاش کي زبردستي کڻڻ سميت قومي ڪارڪنن ۽ وڪيلن جي گرفتاري خلاف ٺٽي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ(ڪرناڻي) پاران پريس ڪلب ٺٽو اڳيان راول ڪرناڻي، فرھاد ميمڻ، يوسف خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس جي بربريت خلاف زوردار نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن، ھڪ طرف ھٿين خالي نوجوانن تي گوليون ھلائي کين شھيد ڪيو ويو ته ٻئي طرف شھيد عرفان لغاري جو لاش حيدرآباد پوليس زبردستي لاش کڻي وئي آھي، ان سان گڏ قومي ڪارڪنن ۽ وڪيلن کي پڻ کنڀي گم ڪيو ويو آھي، ھنن چيو ته سنڌ ۾ جمھوريت جي نالي تي بدترين آمريت قائم ڪئي وئي آھي، جتي ھاڻي شھيدن جا لاش به محفوظ ناھن، وارھ  ۾ قومي ڪارڪنن  عطاءُ  محمد گائينچو، حبدار سنڌي، غفار مرکنڊ، برهان راڌاڻي ۽ ٻين طرفان پارٽي جهنڊا کڻي  احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم آريسر طرفان سڪندر سنڌي، لياقت سومرو، ساحل سنڌي، قومپرست اڳواڻ عنايت ڪنڀار،سماجي اڳواڻ زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.