پشاور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ۽ حڪومت وچ ۾ هڪ ڀير ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ جون ڪوششون تيز ٿي ويون.
پارٽي ذريعن موجب، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ ڳالهين جي شروعات لاءِ ڪوششون جاري آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ بئريسٽر سيف ڳالهين لاءِ سرگرم آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ تڪرار سبب ڳالهين جو عمل روڪي ويو هو.
خيبرپختونخوا حڪومت سڌ سماءُ بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف ميڊيا ڳالهائيندي چيو آهي ته في الحال پي ٽي آءِ جون ڪنهن سان به بظابطا ڳالهيون ناهن ٿيون، پر پارٽي باني عمران خان جي آزادي لاءِ ڪوششون جاري آهن.
ياد رهي ته بئريسٽر سيف ٻه ڏينهن اڳ به رات دير سان اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي هئي.
ذريعن موجب، ان ملاقات دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، بيرسٽر سيف کي حڪومت سان ڳالهين جو عمل اڳتي وڌائڻ بابت اهم هدايتون ڏنيون هيون.
عمران خان جي آزادي لاءِ ڪوششون، پي ٽي آءِ قيادت حڪومت سان ٻيهر ڳالهين لاءِ سرگرم
You might also like