سنڌ ۾ تشدد ۽ لاشن جي بي حرمتي برداشت نه ڪئي ويندي:صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قریشي حيدرآباد سول اسپتال  جي واقعي جي مذمتڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ تشدد ۽ لاشن جي بي حرمتي برداشت نه ڪئي ويندي، شهيد نوجوان عرفان لغاري، زاهد لغاري جو ڪيس وارثن جي مرضي موجب داخل ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته شهيد بشير خان قريشي جو ڪيس سنڌي قوم جي عدالت ۾ آهي، جنهن سان تاريخ ضرور  انصاف ڪندي، شهيد جي ڪيس جي 13 سالن کان پوئيواري ڪري رهيا آهيو پر ڪورٽون پٽيشن هلائڻ لاءِ تيار ناهن،جڏهن ته اڄ شهيد بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي پٽيشن تي حيدرآباد هاءِ ڪورٽ سنڌ نمبر پنج ۾ سيد فياض الحسن شاھ جي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن تي ڪورٽ شهيد بشير خان قريشي قتل ڪيس داخل ڪرڻ جي پٽيشن جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن  جسقم مرڪزي پڌرائي ۾ جساف سنڌ يونيورسٽي جي صدر مور شاھ ۽ ڪنڌ ڪوٽ،ڪشمور جسقم ضلعي صدر والي ڏنو جي پٽ بشير خان ۽ جسقم ڪارڪن آصف مهمداڻي مٿان داخل ڪوڙن ڪيسن جي مذمت ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.