سياسي شعور کي رياستي طاقت سان ڊيڄاري نٿو سگهجي:زين شاهه

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ چيو آھي ته ايس يو پي مورو واري احتجاج کانپوءِ شهيد ٿيندڙ ٻن قومي ڪارڪنن زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري  جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. هي خونريزي ۽ بربريت سنڌ سرڪار پاران پرامن سياسي جدوجهد خلاف رياستي دهشت گردي جو واضح ثبوت آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن  چيو ته اسان جو واضح مطالبو آهي ته سنڌ حڪومت، ان جو گهرو وزير ۽ سندس سرڪاري تحفظ هيٺ هلندڙ خانگي هٿياربند ٽولا جن هن حملي جي رٿابندي ڪئي ۽ ان تي عمل ڪيو، انهن خلاف فوري طور قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. اسان شهيد زاهد لغاري ۽ شهيد عرفان لغاري جي گهر وارن سان تعزيت ڪيون ٿا. اهي ٻئي اسان جي زمين، پاڻي ۽ وسيلن جي حفاظت جي جدوجهد جا شهيد آهن ۽ سندن قرباني رائگان نه ويندي. هن چيو ته اسان پيپلزپارٽي جي حڪومت کي خبردار ڪريون ٿا ته سنڌ جي سياسي شعور رکندڙ عوام کي رياستي طاقت سان ڊيڄاري نٿو سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.