عاصم منير کي صدر زرداري ” بيٽن آف فيلڊ مارشل“ جي اعزاز سان نوازي ڇڏيو

اسلام آباد( م ڊ) صدرِ آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي "بيٽن آف فيلڊ مارشل” جي اعزاز سان نوازيو، ان حوالي سان تقريب ايون صدر ۾ ٿي، جتي وزيراعظم  شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ سروسز چيفس پڻ موجود هئا، تقريب ۾ ن ليگ جي صدر نواز شريف، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو، چئني صوبن جا گورنر، وزيراعليٰ مريم نواز، مراد علي شاهه ۽ سرفراز بگٽي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران صدرِ آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف گڏيل طور تي عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي اعزاز سان نوازيو. ان کان اڳ عاصم منير ٻنهي اڳواڻن کي سيليوٽ پيش ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي صدرِ آصف زرداري چيو ته، اڄ اسان هتي قوم جي بهادر سپوتن کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، سڄي قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي، هن وڌيڪ چيو ته، سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو اعزاز ملڻ هڪ قابلِ فخر لمحو آهي، فيلڊ مارشل جو اعزاز ڏيڻ جي منظوري تي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، معرڪا حق دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير فرنٽ تي اچي اڳواڻي ڪئي ۽ دشمن خلاف سڄي قوم پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي، صدر آصف علي زرداري چيو ته، اسان جي ڀرپور جواب دنيا تي اسان جي صلاحيت ثابت ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان امن جو داعي آهي، پر اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان پنهنجي پيار واري وطن جي هر ڪنڊ ڪڙڇ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، الله پاڪ اسان جي وطن جي محافظن کي پنهنجي حفاظت ۽ امان ۾ رکي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته، اڄ اسان لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، اسان پنهنجي هيروز جي خدمتن جا معترف آهيون. اسان جي بهادر جوانن جي بهادري سبب دشمن کي بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، ڀرپور ۽ اثرائتي جواب جي نتيجي ۾ دشمن گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿيو، پاڪ فوج دشمن جي غرور کي خاڪ ۾ ملايو، ڇڪتاڻ واري صورتحال دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو جذبو ۽ عزم مثالي هو، اسان وطنِ عزيز لاءِ فيلڊ مارشل جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، وزيراعظم چيو ته، ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي لاءِ فيلڊ مارشل جو ڪردار تمام اهم آهي، آپريشن بنيان مرصوص دوران فيلڊ مارشل عاصم منير هڪ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو، قوم جي بهادر سپوت، فيلڊ مارشل عاصم منير هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.