اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جا بي بنياد، چرڏياريندڙ ۽ غير ذميواراڻا الزام سختي سان رد ڪري ڇڏيا آهن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جا بيان علائقائي ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ڪوشش آهن، ڪوڙا الزام ۽ عسڪري دعوائون گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عالمي دهشتگردي خلاف هڪ سرگرم ۽ اثرائتو ڀائيوار آهي، پاڪستان کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ جون ڪوششون ورغلائيندڙ ۽ ناقابلِ قبول آهن.
ترجمان موجب، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڪستان کي نشانو بڻائي ٿو، جڏهن ته والاريل ماٿريءَ ۾ ڀارتي ظلم عالمي سطح تي وائکا ٿي چڪا آهن.
ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي قيادت تي زور ڏنو آهي ته هو ذميواري ۽ صبر جو مظاهرو ڪري، ڇاڪاڻ ته اهڙا چڙ ڏياريندڙ بيان خطي جي امن لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان امن، استحڪام ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه لاءِ پرعزم آهي، پر امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان کي پنهنجي خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو ۽ ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، عالمي برادري ڀارت جي جنگي بيانيي ۽ نفرت جوڳي رويي جو نوٽيس وٺي.