اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت هيٺ وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران دنيا جي اهم راڄڌانين ۾ پاڪستاني موقف کي اجاگر ڪرڻ لاءِ وزيراعظم کان رهنمائي ورتي وئي.
جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، بلاول ڀٽو زرداري قومي سفارتي ڪم تي اعتماد ظاهر ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا، بلاول وزيراعظم کان ڀارت جي جارحيت ۽ چر ڏياريندڙ ايجنڊا دنيا جي سامهون رکڻ بابت رهنمائي پڻ ورتي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اميد آهي ته بلاول جي قيادت هيٺ وفد پاڪستان جو موقف بهترين انداز ۾ دنيا جي سامهون پيش ڪندو.
پڌرائي موجب، بلاول جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد عالمي سفارتي مهم لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد ڀارتي پروپئگينڊا جو اثرائتو جواب ڏيڻ آهي.
وفد ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خرم دستگير، شيري رحمان، حنا رباني کر، فيصل سبزواري، تهمينه جنجوعه ۽ جليل عباس جيلاني شامل آهن.
پ پ چيئرمين جي قيادت ۾ وفد لنڊن، واشنگٽن، پئرس ۽ برسلز ويندو ۽ خطي ۾ ڀارت جي سرگرمين ۽ پاليسين ۽ امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوششن کي وائکو ڪندو.
دنيا آڏو ڀارتي جارحيت کي وائکو ڪرڻ جو ٽاسڪ، وزيراعظم بلاول کي اهم هدايتون ڏئي ڇڏيون
You might also like