اسلام آباد(م ڊ) حڪومت معرڪا حق ”آپريشن بنيان مرصوص“ جي اعليٰ حڪمتِ عملي ۽ دشمن کي شڪست ڏيڻ تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير (نشانِ امتياز ملٽري) کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ وزيراعظم پاڪستاني قوم کي ”معرڪا حق“ دوران آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي شاندار ڪاميابي ۽ دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي واڌايون ڏنيون، اجلاس ۾ چيو ويو ته دشمن پاڪستان جي خودمختياري ۽ سرحدي سالميت کي لتاڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، جڏهن ته آرمي چيف جنرل عاصم منير بي مثال بهادري ۽ عزم سان پاڪ فوج جي قيادت ڪئي ۽ هٿياربند فوجن جي جنگي حڪمتِ عملي ۽ ڪوششن کي ڀرپور نموني هم آهنگ ڪيو، شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته جنرل عاصم منير جي غيرمعمولي قيادت سبب پاڪستان ”معرڪو حق“ ۾ تاريخي ڪاميابي ماڻي، ان کان پوءِ، وفاقي ڪابينا "معرڪو حق” ۾ آرمي چيف جي شاندار فوجي قيادت، جرئت ۽ بهادري، پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي يقيني بڻائڻ ۽ دشمن جي مقابلي ۾ دليراڻي دفاع جي اعتراف طور، جنرل سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ بابت وزيراعظم جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف صدرِ مملڪت آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري فيصلي بابت اعتماد ۾ ورتو، صدر سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ وفاقي وزير قانون سينيٽر اعظم نذير تارڙ، دفاع وارو وزير خواجا آصف ۽ احسن اقبال به موجود هئا، ياد رهي ته جنرل عاصم منير اڳ رڳو جنرل ايوب خان ئي فيلڊ مارشل جي عهدي تي فائز رهيو، وفاقي ڪابينا اهو به فيصلو ڪيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن، غازين، شهيدن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل پاڪستاني شهري جيڪي ”آپريشن بنيان مرصوص“ دوران شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون، تن کي سندن ڳرا قدر خدمتن جي اعتراف ۾ اعليٰ سرڪاري ايوارڊن سان نوازيو ويندو، ٻئي پاسي، آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته فيلڊ مارشل جو اعزاز ملڻ تي الله تعاليٰ جو شڪرگذار آھيان، هي اعزاز مان قوم، پاڪ فوج، سول ۽ ملٽري شهيدن ۽ غازين جي نالي ڪريان ٿو، فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ هو ته هو صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪابينا جي اعتماد جا ٿورائتو آهيان ۽ هن خاص طور تي قوم جو به شڪريو ادا ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته هي اعزاز قوم جي امانت آهي، جنهن کي نڀائڻ لاءِ لکين عاصم به قربان ٿي سگهن ٿا، اهو ڪو ذاتي اعزاز نه پر فوج ۽ سڄي قوم لاءِ هڪ فخر آهي.