رشتي جي مضبوطي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ انمول بلوچ ڪم جون صلاحون ڏئي ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي من موهڻي اداڪارا انمول بلوچ چيو آهي ته ڪامياب ۽ مضبوط رشتو قائم ڪرڻ لاءِ سٺي ذهني صحت جو هجڻ انتهائي ضروري آهي.
هڪ تازي انٽرويو دوران اداڪارا مختلف موضوعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
هڪ سوال جي جواب ۾ انمول بلوچ چيو ته ”جيڪڏهن توهان مضبوط رشتو قائم ڪرڻ چاهيو ٿا ته سڀ کان پهرين پنهنجي ذهني صحت تي ڌيان ڏيو، ڪو به رشتو قائم ڪرڻ کان اڳ پاڻ تي ڌيان ڏيڻ لازمي آهي.“
اداڪارا چيو ته”رشتو قائم ڪرڻ کان اڳ پنهنجي جذبن کي سمجهڻ ۽ انهن سان نبرڻ جي ڪوشش ڪريو، ڇو ته رڳو هڪ متوازن ذهن ئي پنهنجي ساٿي سان صحتمند لاڳاپو نڀائي سگهي ٿو.“
انمول بلوچ رشتن ۾ پاڻ کي سچو رکڻ تي زور ڏيندي چيو ته” ڪابه رشتيداري قائم ڪرڻ لاءِ اصل ۾ ائين ئي رهو جيئن توهان آهيو، پاڻ کي اهميت ڏيو .“
ياد رهي ته انمول بلوچ ان کان اڳ به شادي، ذاتي زندگي ۽ سماجي دٻاءَ بابت پنهنجي خيالن جو کليل انداز ۾ اظهار ڪندي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.