رتوديرو (ويب ڊيسڪ) رتوديرو ۾ موٽر سائيڪل سوار بجلي جي تار ۾ وچڙي فوت ٿي ويو.
جوڳي پاڙي جو رهواسي 55 ورهين جو هوت خان لولائي دوا وٺڻ لاءِ اسپتال ويندي چاندني چوڪ وٽ لڳل ٽرانسفارمر ۾ ڌماڪي بعد تارون هيٺ ڪرڻ سبب ڪريل هڪ تار ۾ وچڙي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي شهرين کڻائي اسپتال پهچايو، جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
فوتي جو مڙھه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
You might also like