لاهــور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چئن نون ڪوچن لاءِ اشتهار جاري ڪري ڇڏيو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل اشتهار موجب، بيٽنگ، بالنگ، فيلڊنگ ۽ اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشنگ لاءِ نوان ڪوچ مقرر ڪيا ويندا، ان لاءِ اهل ۽ خواهشمند اميدوارن کان ڇهين جون تائين درخواستون طلب ڪيون ويون آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ بورڊ طرفان ڪوچنگ اسٽاف ۾ تبديلي ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ هاڻي نون ڪوچ لاءِ اشتهار ڏنو ويو آهي.