دادو (ويب ڊيسڪ) دادو ڀرسان ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نائين درجي جو شاگرد مارجي ويو.
ڪچي جي ڳوٺ دانو چانڊيو ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان فائرنگ ۾ شاگرد بلاول پٽ محمد بچل چانڊيو مارجي ويو.
مقتول شاگرد جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.