ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان منشيات جي روڪٿام لاءِ خاص عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اهو فيصلو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جتي صوبي ۾ منشيات سان لاڳاپيل ڪيسن جي ڳڻتي جوڳي واڌ بابت بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس دوران وڏي وزير ٻڌايو ته صوبي ۾ منشيات جا 9676 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته رڳو ڪراچي ۾ 7769 ڪيس التوا هيٺ ۽ عدالتي ڪارروائي جا منتظر آهن.
ڪابينا اجلاس ۾ ڪراچي ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ 3 خاص عدالتون ۽ ٻين شهرن ۾ هڪ، هڪ عدالت قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ان کانسواءِ سنڌ ڪابينا وزيرِاعظم جي ”خواتين بااختيار پئڪيج“ ۾ شرڪت جي منظوري پڻ ڏني.
وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته هر سال صنفي برابري بابت رپورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وڃي.
هن سنڌ ڪابينا جي وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ کي قاعدن ۾ ضروري ترميمن جي هدايت پڻ ڪئي.