ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار موري ۾ پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ٿيل چڪرين واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير چيو آهي ته امن امان کي نقصان پهچائيندڙ ۽ رياستي قانون جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ شهرين جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ناقابلِ قبول آهي، اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪري قانوني قدم کنيا وڃن.
گهرو وزير جو چوڻ هو ته رياست جي عملداري بحال رکڻ حڪومت جي ترجيح آهي، ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.