سيز فائر ، واٽر بم ۽ ڀارت حڪومت جي اسرائيلي سوچ!؟

تحرير: حامد مير

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 10 مئي تي پاڪستان ۽ هندستان  وچ ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪري، ڏکڻ ايشيا کي ايٽمي جنگ جي خطري کان بچائي ورتو. سيز فائر جي ان اعلان جي پاڪستان آجيان ڪئي جڏھن تھ جنگ هندستان ان سيزفائر کي پنهنجي فتح طور اجاگر ڪرڻ لاءِ، ڪوڙ ڳالهايو ته سيز فائر ٽرمپ ناھي ڪرايو ، بلڪھ اھو سيزفائر پاڪستان جي درخواست تي ڪيو ويو هو.

صدر ٽرمپ ورجائي ورجائي سيزفائر ۾ آمريڪا جي ڪردار ۽ ڪشمير مسئلي جي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏئي هندستاني قيادت جي منافقت کي وائکو  ڪري رهيو آهي، پر پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ ٽرمپ کي اعتماد جوڳو نٿو سمجهي. ٽرمپ کي اسرائيل جو اتحادي سمجهيو ويندو آهي ۽ اسرائيل اھو واحد ملڪ هو جيڪو تازي پاڪ ھند  جنگ دوران کليل طور تي هندستان سان گڏ بيٺو هو. هن ٽن ڏينهن جي جنگ ۾ هندستان پاڪستان خلاف اسرائيلي ڊرونز جو ڀرپور  استعمال ڪيو. تصديق ٿيل اطلاعن موجب  پاڪستان خلاف هندستان جي جنگ جي رٿابندي ۾ اسرائيلي ماھرن جو اهم ڪردار ادا  ھو ۽ اھي خود هندستان ۾ موجود رھيا.پاڪستان جي ڪيترن ئي اهم دفاعي ماهرن جو خيال آھي تھ تازي جنگ ۾ پاڪستان جو اصل مقابلو هندستان سان نه، پر اسرائيل جي جنگي دماغن سان هو.

پاڪستان سان تازي ڇڪتاڻ ۾ هندستان پنهنجي ذهن سان نه،بلڪھ  اسرائيل جي دماغ سان سوچي رهيو آهي. هندستان کي يقين آهي ته جيئن اسرائيل غزه کي تباهه ڪري ڇڏيو، تيئن پاڪستان کي تباهه ڪرڻ لاءِ اسرائيل جي واٽ تي هلڻ گهرجي. اڄ به پاڪستانين جي وڏي اڪثريت هڪ ٻئي کان پڇي رهي آهي ته ٽرمپ سيزفائر تھ ڪرائي ڇڏي، پر ڇا اھا سيزفائر قائم رهندي؟ ڇا هندستان ٻيهر پاڪستان تي حملو ڪندو؟  22 اپريل تي پھلگام تي حملي کانپوءِ  هندستاني حڪومت جي حڪمت عملي جو تجزيو ڪيو وڃي ته اهو واضح نظر اچي ٿو  ته هندستاني وزيراعظم نريندر مودي اصل ۾ اسرائيلي وزيراعظم نتن ياهو جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي. نيتن ياهو آمريڪا جو اتحادي ۽ ٽرمپ جو دوست آهي، پر گڏيل قومن ۽ آمريڪا جڏھن کيس مظلوم فلسطيني ٻارن ۽ عورتن کي  قتل ڪرڻ کان  روڪيو،تھ نيتن ياھو انھن جي ٻڌي اڻٻڌي ڪري ڇڏي.

جڏهن به پاڪستان تجويز ڏني ته پھلگام حملي جي  غير جانبدار ماهرن کان جاچ ڪرائي وڃي تھ  هندستان ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. صاف نظر اچي رھيو آھي تھ  هندستان هر قيمت تي پاڪستان تي حملو ڪرڻ چاهي ٿو۽ پوءِ پاڪستان تي حملو ڪري، هندستان پنهنجي شرمندگي جو سامان  پيدا ڪيو. هاڻي، هڪ طرف، پاڪستان جي هٿان رسوائي آهي، ۽ ٻئي طرف، عظمت جو خبط  آهن. اسرائيل وانگر، هندستان کي دنيا ۾ پنهنجي بدنامي جي ڪا پرواهه ناهي. هو صرف پنهنجي شان و شوڪت جي وهم ۾ مبتلا آهي ۽ هر قيمت تي رڳو پاڪستان کي ھيٺ ڏيکارڻ  چاهي ٿو، بلڪھ پاڪستان کي غزه بڻائڻ چاهي ٿو. اسرائيل به پاڪستان خلاف نفرت جي باھ ۾ سڙي  رهيو آهي. هڪ  ته پاڪستان اسرائيل جي ڊرون ٽيڪنالاجي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻيو اهو ته اسرائيل کي پاڪستان سان ڪجهه پراڻا حساب چڪائڻا آهن .

اسرائيل 1948ع ۾ پاڪستان کي درخواست ڪئي ھئي تھ ان کي تسليم ڪيو وڃي. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح اسرائيل کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بعد ۾ 1967 ۽ 1973 جي عرب-اسرائيلي جنگين ۾ پاڪستاني هوائي فوج اسرائيلي هوائي فوج کي عبرت جو مثال بڻايو ھو. انهن ٻنهي جنگين ۾ پاڪستان ايئر فورس جيڪو  تجربو ڪيو حاصل ڪيو ھو ان کي  بعد ۾ پاڪستان جي فائدي لاءِ استعمال ڪيو. 1973ع جي عرب اسرائيلي جنگ دوران  پاڪستاني پائلٽن اسرائيلي پائلٽن جي پيغام ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، ته اهي پاڻ ۾ پنجابي به ڳالهائيندا هئا، جنهن شڪ پيدا ڪيو ته انهن کي هندستاني هوائي فوج کان خاموش مدد ملي رهي آهي. 19 اپريل 1974ع تي، پاڪستاني هوائي جهاز فلائيٽ ليفٽيننٽ عبدالستار (بعد ۾ ايئر ڪموڊور بڻيو) جو ٻن اسرائيلي جنگي جهازن سان ڊاگ فائٽ ٿي.

اسرائيلي ميراج جيٽ جهازن پاڪستاني پائلٽ جو ريڊيو سسٽم  جام ڪري ڇڏيو، پر پاڪستاني پائلٽ

پوئتي هٽڻ بدران مقابلو ڪيو ۽  اسرائيلي جھاز کي دمشق جي فضا ۾ڪيرائي ڇڏيو. ايئر ڪموڊور عبدالستار کي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت پاران اسرائيلي جهاز کي مارڻ تي ستاره جرات سان نوازيو ويو. بعد ۾،1965 جي پاڪ ھند جنگ جي ھيرو  ايم ايم عالم،شام ۾ انسٽرڪٽر طور خدمتون انجام ڏيندو رھيو.ايم ايم عالم جو اصل نالو محمد محمود عالم هو ۽ سندس پيءُ محمد مسعود عالم مٿس اھو نالو محمود غزنوي جي ڪري ڏنو هو.ڪنھن کي وڻي يا نھ وڻي پر، اسڪواڊرن ليڊر زاهد يعقوب عامر جي ڪتاب "ايئر ڪموڊور ايم ايم عالم” جو مطالعو ٻڌائي ٿو تھ  2025 ۾، پاڪستان ايئر فورس ساڳئي تاريخ کي ورجايو جيڪا، ايم ايم عالم 1965 ۾ ٺارقم ڪئي ھئي. فرق اهو هو ته ايم ايم عالم ايف 86 آمريڪي سيبر سان ھم منٽ ۾ پنج ھندستاني جھاز ڪرايا ۽ 2025 ۾، پاڪستاني پائلٽن چين جي ٺھيل جھازن سان  دنيا جي جديد ترين فرانسيسي رافيل جهازن جي ريڊيو ۽ ريڊار سسٽم کي جام ڪري  انهن جي شان شوڪت کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو.

لاهور جو ايم ايم عالم روڊ ۽ ميانوالي جو پي اي ايف ايم ايم عالم بيس اسان کي جنهن هيرو جي ياد ڏياري ٿو ان 1965 ۾ آدم پور ايئر بيس کي تباهه ڪيو هو. 2025 ۾ پاڪستان ايئر فورس ۽ فوج گڏجي هڪ ڀيرو ٻيهر آدم پور ايئر بيس تي نصب ايس-400 روسي ايئر ڊفينس سسٽم کي تباهه ڪيو. 1965ع ۾ پاڪستان ايئر فورس جي سربراهه، ايئر مارشل نور خان، خود پنهنجي جهاز ۾ پاڪستان جي هوائي حدن جو دفاع ڪندو رھيو ۽ 2025ع ۾، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو خود  جنگي پروازن ۾ شامل رھيو.

اسان کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ته هندستان اصل ۾ اسرائيل جي ذهن سان سوچي رهيو آهي. اسرائيل عربن خلاف پنهنجي جارحيت ۾ پاڻي کي ھميشھ ھڪ  هٿيار طور استعمال ڪيو آهي. 1967 ۽ 1973 جي عرب-اسرائيلي جنگين جي پس منظر ۾، توهان کي اردن جو درياءَ ۽ هولي جي ڍنڍ جي پاڻيءَ تي جھيڙو نظر ايندو ۽ 2023 ۾ اسرائيل تي حماس جي حملي جي پٺيان پڻ توهان کي فلسطينين جي واٽر سسٽم تي  اسرائيل جا بار بار حملا نظر ايندا. 2022 ۾، اسرائيل غزه ۽ اردن درياھ جي اولهه ڪناري ۾ فلسطينين کي اڃيو مارڻ لاءِ انھن جي کوهن ۾ زهروڌو  ۽ پاڻي جي پائيپ لائينن کي تباهه ڪيو.پاڻي کي واٽربم طور استعمال ڪرڻ جي حڪمت عملي هندستان اسرائيل کان سکي آهي. سنڌوطاس  معاهدي جي معطلي ۽ پاڪستاني دريائن جو پاڻي روڪڻ، پاڪستان خلاف جنگ جو اعلان آهي. تنهن ڪري منهنجي نظر  ۾،سيزفائر  صرف پاڪستان ڪيو آھي، هندستان نھ ڪيو آھي.ھندستان جو  پاڪستان تي پھريون حملو بدستور جاري  آهي. پاڪستان کي سفارتي محاذ تي هندستان جي واٽرٽيررزم کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان اڃا تائين صرف پنهنجو دفاع ڪيو آهي، ڪا به جارحيت نه ڪئي آهي. جيڪڏهن ڀارت چناب ۽ جهلم دريائن تي ڊيم ٺاهڻ جون ڪوششون بند نه ڪندو ته پوءِ انهن دريائن تي ٺهيل هندستاني ڊيمن کي تباهه ڪرڻ بين الاقوامي قانون جي عين مطابق هوندو. اسان اڳ ۾ بھ هندستان کي ڏيکاري چڪا آهيون ته پاڪستان ۽ غزه ۾ فرق آهي. اهو سڀ ڪجهه مستقبل ۾ به ٻڌائڻو ۽ ڏيکارڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.