وڙھون اسين، ڇڏائين ٻيا!

تحرير: وسعت الله خان

پاڪستان ان ڳالهه تي مسلسل قائم آھي تھ ھندستان جي ٽن رافل سميت پنج جھاز ڇھين ،ستين  مئي تي ڪيرايا، هندستان اڃا تائين ان دعويٰ جي باظابطھ طور تي ترديد يا تصديق نه ڪئي آهي.ھندستان پاڪستان جي ٻن  هوائي اڏن (نور خان ايئر بيس ۽ ٻولھاڙي  ايئر بيس) تي ميزائل حملن جي نقصان جون سيٽلائيٽ تصويرون جاري ڪري ڇڏيون آهن. پر پاڪستان  هندستاني هوائي اڏن جي  ٿيل مبينا نقصان جون سيٽلائيٽ تصويرون جاري ڪرڻ بدران ميڊيا بريفنگز ۾ حملن جا ڊجيٽل پروجئشن ڏيکاريا آهن.

هندستان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز (ڊي جي ايم او) ڏھ  مئي تي جنگ بندي لاءِ رابطو ڪيو.  اسان جا جنگي مقصد  جيئن تھ گذريل 72 ڪلاڪن ۾ ھڪ سئو ”دھشتگردن کي ماري پورا ٿي چڪا آھن “ تنهن ڪري اسان معاملي کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ پاڪستان جي درخواست مڃي ورتي.پاڪستان جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان ڏھھ مئي تي فجر جي  وقت هندستان جي مسلسل حملن جو پهريون ڀيرو ڀرپور ميزائل ۽ ڊرون حملن سان  جواب ڏنو، ته ‘دشمن’ جا ھٿ پير ساڻا ٿي ۽ دشمن صدر ٽرمپ کي جنگ روڪرائڻ  جي درخواست ڪئي. اسان صدر ٽرمپ جي پرڏيھي سيڪريٽري جي ڳالههھ رکندي وڌيڪ ڪارروائي روڪي ڇڏي.

صدر ٽرمپ جو چوڻ آھي ته جڏهن مون کي آمريڪي انٽيليجنس ذريعن کان خبر پئي ته  معاملو ڪنهن به وقت روايتي کان ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي،تھ پوءِ مون نئي دھلي کي نائب صدر جي ڊي وينس ذريعي ۽ اسلام آباد کي مارڪو روبيو ذريعي  سڌو پيغام موڪليو ته جنگ نه روڪيندا تھ  اسان سان واپار ڪرڻ وساري ڇڏجو (آمريڪا ٻنهي ملڪن جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي). اهڙيءَ طرح، مون واپاري  تنبيھه ذريعي ايٽمي تڪرار کي روڪرايو.پاڪستان تھ پنهنجي سفارتي ۽ فوجي ‘ڪاميابين’ تي خوش آهي، پر هندستان اڃا تائين صدر ٽرمپ جي جنگ روڪراڻ جي دعويٰ جي باضابطھ ترديد جاري نه ڪئي آهي. جڏهن ته ٽرمپ گذريل هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار  ڀيرا ڪنھن نھ ڪنھن بھاني دنيا کي جتائي چڪو آهي،جنگ "توهان جي ڀائو ُ” ئي  روڪرائي آهي.

ٽرمپ جي ڳالهه ان ڪري دل کي لڳي ٿي جو ڇاڪاڻ تھ تاريخ  ٻڌائي ٿي ته گذريل 60 سالن ۾  جنگين بھ جنگيون ٿيون، يا جڏهن به ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي اکين ۾ اکيون وجھي ڪري ٻانھون کنجيون آھن. تھ ڪنھن  ‘ٻاهرين’ اچي ئي  انهن کي ڇڏايو آهي مثال طور 1965 ھي جنگ روڪرائڻ ۾ سوويت يونين ۽ آمريڪا بنيادي ڪردار ادا ڪيو. 1971ع جي جنگ ۾ اوڀر پاڪستان ۾ هندستان جي فتح کان پوءِ، صدر نڪسن جي چوڻ تي قومي سلامتي جي مشير ھينري ڪسنجر، هندستان کي اولهه پاڪستان جي محاذ تي جنگ بندي تي مجبور ڪيو.

1999ع جي  ڪارگل ٽڪراءُ  ۾ وزيراعظم نواز شريف صدر ڪلنٽن سان ملاقات ڪري ان جي وچ ۾ پوڻ  تي آمادھ ڪيو ۽ پوءِ آمريڪا واجپائي کي راضي ڪيو. ڊسمبر 2001 ۾ لوڪ سڀا جي عمارت تي دهشتگرد حملي کان پوءِ، جڏهن هندستان سرحد تي پنج لک فوج ۽ پاڪستان ٽي لک فوج  گڏ ڪئي تھ ڏھن مھينن بعد آمريڪا ئي  ٻنهي ملڪن کي فوجون واپس ھٽائڻ تي رضامند ڪيو. فيبروري 2019 ۾ بالاڪوٽ حملي کان پوءِ ڇڪتاڻ کي  محدود رکڻ ۾ پڻ ان وقت جي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جو ڪردار اڃا ڪالھوڪي ڳالهه آهي. يا ته ڏکڻ ايشيا جي ٻن ارب جي آبادي مان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ماڻهو اهڙا ھجن ،جيڪي جنگ جي ڪڪرن کي  ڇڊو ڪري سگهن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن جي ’ذهين قيادت‘ کي ڪامن سينس جا فائدا بھ سمجهائي سگهن ٿا. نھ ٿھ لامحالھ ھر ڀيري ڪو ٽيون شخص ئي ٽپي پوندو تھ جيئن  ايٽمي جنون کان باقي دنيا کي محفوظ رکي سگھجي.

ڀارت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ بين الاقوامي دٻاءُ يا اڻ سڌي ٽياڪڙي قبول ڪندو رھندو آهي، تنهن ڪري 2025 ۾ ان جو مونجھارو سمجھه ۾ نٿو اچي. جيستائين اسان (پاڪستان) جو معاملو آهي، تھ جنگ ته ڇڏيو ، اسان  تھ پنهنجن گهريلو سياسي بحرانن کي بھ ‘آئوٽ سورس’ ڪرڻ ۾ به هٻڪائيندا نه  آھيون. شايد توهان کي ياد هجي ته مارچ 1977ع جي چونڊن کان پوءِ،  پاڪستان قومي اتحاد  (پي اين اي) جي ڀٽو مخالف تحريڪ ۾ سعودي سفير رياض الخطيب ئي ھو، جنهن ڀٽو حڪومت ۽ پي اين اي کي سياسي سمجهوتي تي  قائل ڪيو هو. اھا جدا ڳالهه  آهي ته جنرل ضياءُ الحق ۽ سندس ساٿي  ان سمجھوتي سميت سڀ ميڙي سيڙي کڻي ويا. نواز شريف ۽ سندس خاندان کي ھڪ انڊر اسٽيندنگ تحت پرويز مشرف سعودين جي ضمانت کان پوءِ ئي 10 سالن تائين جده ۾ رکڻ جي اجازت ڏني.محترمھ بينظير ڀٽو ۽ پرويز مشرف جي وچ ۾ اين آر او ،آمريڪا ۽برطانيا ضماتي طور گڏيل عرب امارات جي ميزباني ۾ ڪرايو. اها الڳ ڳالهه آهي ته بعد ۾ نه بينظير رهي، نه پرويز مشرف ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ اين آر او کي رهڻ ڏنو.

تازي جنگ جيتوڻيڪ  ميدان جي حد تائين 10 مئي جي منجهند تائين جھڪي ٿي  وئي، پر ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اڃان تائين جوشيليون چڪريون جاري آهن. جن جنگ صرف هالي ووڊ فلمن ۾ ئي ڏٺي آهي، گهڻو ڪري، اھي ئي، ٽي وي اينڪر ۽ يوٽيوبرزم سڀني کان مٿي پيا ٽپا ڏين. هندستاني حڪومت جنتا کي آپريشن سندور جي ”بي مثال ڪاميابين“ کان اگاھ ڪرڻ جي لاءِ گھر گھر رابطا مھم ۽ ڪانگريس  اڳواڻ ششي ٿرور  سميت ڇھھ سياسي فردن کي ٻاھرين ملڪ انھي ڪم تي مقرر ڪيو  آھي.جڏھن تھ  پاڪستان ۾ رات وچ ۾  وڏين شاهراهن تي ساوا بينرز ۽ عمارتن تي ساون نون سائنز تي صرف هڪ نالو  تصوير سان گڏ نمودار ڪرايو آھي.: ‘جنرل حافظ سيد عاصم منير’. في الحال ٻنھي طرف ڪاميابي جا ڏونڪا وڄڻ ۽ پنھنجو پنھنجو بيانيئو پنھنجي پنھنجي رعايا جي دماغن ۾ وجھڻ جو وقت آھي.ان گوڙ واڄٽ  جي وچ ۾، معيشت، سياسي، ميڊيائي، آئيني ۽ عدالتي آزاديون  في الحال ھڪ پاسي آرام سان ويهي ڪري پنهنجي واري جو انتظار ڪن، مهرباني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.