لنڊن (انيق ناجي) بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد جلد عالمي فورمن تي ڀارتي الزامن جو جواب ڏيندو ۽ پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. ڀارتي ميڊيا توڻي پي ٽي آءِ وارا بلاول جي چونڊ تي اعتراض ڪن ٿا پر اهو ٻاراڻو آهي. ڀارت ششي ٿرور کي اڳواڻي ڏني آهي، جيڪو پاڪستان خلاف ڪيس کڻي پيو وڃي، پر حقيقت اها آهي ته ڀارت جو هارايل ڪيس آهي. برطانوي پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت طرفان پهلگام واقعي بابت ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو، آمريڪا سميت ٻين ملڪن جو به ساڳيو موقف آهي. ڀارتي پرڏيهي پاليسي مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، جتي جئي شنڪر جي سفارتي ڪارڪردگي فلاپ قرار ڏني وئي آهي، ۽ عالمي سطح تي ڀارت کي رڳو اسرائيل جي حمايت حاصل آهي. بلاول ڀٽو اڳوڻو پرڏيهي وزير رهي چڪو آهي، جنهن جي ڪارڪردگي عالمي سطح تي ساراهي وئي آهي. بلاول تي شڪ ڪرڻ يا هن جي قيادت تي تنقيد ڪرڻ غير سنجيدگيآهي، جيئن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو نوجوانيءَ ۾ ئي ملڪ جي قيادت سنڀالي هئي، تيئن بلاول به ذميواري نڀائڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو.