دنيا جي مشهور ترين سرچ انجڻ گوگل پنهنجي هوم پيج تي ڪيئي ورهين کانپوءِ هڪ اهم تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جنهن تحت ”آءِ ايم فيلنگ لڪي“ بٽڻ کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ ) موڊ متعارف ڪرايو ويندو.
رپورٽن موجب، گوگل طرفان آمريڪا ۾ محدود واهپيدارن لاءِ نئين فيچر جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت ”آءِ ايم فيلنگ لڪي“ بٽڻ کي ختم ڪري ” اي آءِ موڊ“ جو آپشن ڏيکاريو پيو وڃي.
گوگل جي ترجمان نئين فيچر جي آزمائش جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪمپني وقت به وقت نون مددگار فيچرن جي جاچ ڪندي رهندي آهي ۽ هي به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
ڪمپني طرفان في الحال اِهو واضح ناهي ڪيو ويو ته هي فيچر سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو يا نه.
واضح رهي ته ”آءِ ايم فيلنگ لڪي“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان واهپيدار بنا ڪنهن اشتهار ڏسڻ جي سڌو سنئون ٽاپ نتيجن تائين پهچي ويندو آهي، جنهن سبب گوگل کي هر سال ڪروڙين ڊالرن جو نقصان ٿئي ٿو.
ان باوجود ڪمپني هن بٽڻ کي برقرار رکيو هو ته جيئن واهپيدارن کي اهو محسوس نه ٿئي ته گوگل رڳو آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.