سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا کسڻ جون تياريون ٿي چڪيون آهن، سنڌ جا ماڻهو جدوجهد لاءِ تيار رهن: رياض چانڊيو

ڪراچي(پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ڪارپورٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي ماڻھن کان جياپي جو ذريعو پاڻي به کسن پيا زمينون به کسن پيا ٽوئر ازم قديمي ماڳ ۽ معدني وسيلا کسجن پيا.

هن چيو ته سڀ تياريون ڪيون ويون آھن ترقي جي نالي تي هي سڀ  ڌرتي لاءِ تباهي جا منصوبا آھن جيڪي اسان کي قبول ناهن ڊگهي جدوجهد ڪئي آھي ون يونٽ کان وٺي زمينن تي ولار خلاف جدوجهد جاري آھي

جسم چيئرمين جو چوڻ هو ته ملڪ ٺھڻ کان وٺي پنجاب سنڌ جو پاڻي ڏاڍ جي بنياد کڻي رهيو آھي پيدا واراي وسيلا جنهن ۾ تيل گئيس ڪوئلو جبر جي بنياد تي کنيا پيا وڃن جنهن ڪري سنڌ ۾ معاشي بدحالي آھي سنڌ مٿان ڏُڪار جو راڪاس سنڌ مٿان مڙھيو ويو آھي ان سڀني جي باوجود هاڻي ڪارپورٽ فارمنگ جي نالي تي زمينون کسڻ جبر جي بنياد تي ڪئنال ڪڍڻ ظلم جي انتها آھي

سندس چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻھون ان جبر ۽ ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻ جي ڊگهي تاريخ رکن ٿا تنهنڪري اسان ان منصوبن خلاف سنڌ جي ماڻھن وٽ وينداسين سنڌ جي ماڻھن ويجهي ماضي خصوصن 8 مهينن اندر سنڌو درياهه جي تحفظ وسيلن جي تحفظ زمين  تي قبضي خلاف جدوجهد ڪئي آھي

رياض چانڊيو وڌيڪ چيو ته ملڪ جا حڪمران ڏاڍ جبر ۽ ڌوڪيبازي واري بنياد تي پاڻي ۽ زمينون کسن پيا سنڌ جي ماڻھن پنهنجي جدوجهد جي طاقت آھي جنهنڪري حڪمرانن کي اهو ظلم ڪرڻ نه ڏينداسين هڪ طرف پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ۽ انهن جون اتحادي جماعتون آھن ٻئي طرف پرامن جدوجهد ڪندڙ سنڌي آھن حڪمرانن جي ظلم خلاف ڊگهي جدوجهد ڪنداسين سنڌ جا ماڻھون تيار رهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.