يوٽيوب ۾ ڦيرڦار، تخليقڪارن جي آمدني ۾ واڌارو ٿيندو

جڳ مشهور وڊيو شيئرنگ پليٽفارم يوٽيوب طرفان هڪ اهڙي تبديلي آندي پئي وڃي جيڪا واهپيدارن لاءِ اڻ وڻندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇو ته هاڻي وڊيوز جي سڀ کان اهم دورانيي دوران به اشتهار ڏيکاريا ويندا، پر اِها ڦيرڦار تخليقڪارن لاءِ اهم قرار ڏني پئي وڃي.
يوٽيوب گذريل ڪجهه وقت کان واهپيدارن کي اشتهار ڏسڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.
سال 2023ع جي شروعات ۾ اهڙا اشتهار متعارف ڪرايا ويا هئا جن کي اسڪيپ ڪرڻ ممڪن نه هو، جڏهن ته ڊسمبر 2023ع ۾ سمارٽ ٽي ويز تي ڊگها اشتهار ڏيکارڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو.
هاڻ يوٽيوب جي نئين پاليسي تحت ”پيڪ پوائنٽس“ نالي فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن تحت وڊيو جي انهن لمحن دوران اشتهار ڏيکاريا ويندا، جيڪي سڀ کان اهم يا جذباتي طور تي واهپيدارن لاءِ وڌيڪ اهميت رکندا آهن.
يوٽيوب موجب، هي نئون فيچر ”جيمنائي اي آءِ ماڊل“ جي مدد سان ڪم ڪندو، جيڪو وڊيوز جي تجزئي ذريعي ان لمحي جي نشاندهي ڪندو جتي ڏسندڙ وڌ کان وڌ ڌيان ڏئي رهيو هوندو.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان سان نه رڳو اشتهار ڏيندڙن کي فائدو رسندو، پر تخليقڪارن کي به وڌيڪ آمدني ٿيندي.
واضح رهي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ يوٽيوب طرفان اشتهارن جي مقدار ۾ لڳاتار واڌارو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڪيترائي واهپيدار اڳ ئي پريشان آهن، تازي تبديلي به واهپيدارن لاءِ مسئلا کڙا ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.