گوگل هر سال اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم جو نئون ورزن متعارف ڪرائيندو آهي، 2025 ۾ پڻ اينڊرائيڊ 16 جي نالي سان نئون آپريٽنگ سسٽم جون ۾ متعارف ڪرايو ويندو.
نئين ورجن ۾ گوگل جي طرفان ميٽريل 3 ڊيزائن کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ نيچرل انيميشن، فون اسڪرولنگ، ۽ ٻين روزمره فيچرز کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو ويندو.
اپڊيٽ ٿيل رنگن جي ٿيمز ۽ ٽائپوگرافي ۾ پڻ تبديليون نظر اينديون.
ان کانسواءِ اينڊرائيڊ 16 ۾ ٽي نوان سيڪيورٽي فيچرز متعارف ڪرايو ويندا ، جن ۾ اي آءِ تي ٻڌل اسڪيم ڊيٽيڪشن، فائينڊ هب سروس (اِهو فيچر توهان لاءِ پنهنجي فون ۽ ٻارن جي لوڪيشن ٽريڪ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو) ۽ سيٽلايٽ ڪنيڪٽويٽي سپورٽ شامل آهن.
اينڊرائيڊ 16 ۾ ايڊوانس پروٽيڪشن موڊ ۽ مالويئر کان بچاءُ لاءِ اضافي سيڪيورٽي پڻ فراهم ڪئي ويندي.
You might also like