ايندڙ سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ بجيٽ ۽ اسڪيمن جي تياري شروع، وڏي وزير پاران ڪفايت شعاري جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال لاءِ ترقياتي تجويزن ۽ انهن لاءِ فنڊن جي ورهاست بابت بجيٽ اجلاسن جي شروعات ڪري ڇڏي، گڏوگڏ هن بچت مهم جو آغاز ڪندي ترقياتي رٿائن لاءِ مالي وسيلن جي بچت ڪرڻ جا اهم فيصلا پڻ ڪيا آهن.
ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ناڻي ۽ رٿابندي ۽ ترقي کاتن جا ٻه الڳ الڳ اجلاس منعقد ٿيا، انهن اجلاسن ۾ صوبائي وزير رٿابندي ۽ ترقي سيد ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي، ناڻي واري اسپيشل سيڪريٽري اصغر ميمڻ ۽ ميمبر پي اينڊ ڊي فتح تنيو شرڪت ڪئي.
وڏي وزير رٿابندي ۽ ترقي کاتي کي هدايت ڪئي ته ايندڙ سالياني ترقياتي پروگرام کي جلد حتمي ڪيو وڃي، خاص طور ٻوڏ سٽيل انفراسٽرڪچر جي بحالي کي ترجيح ڏني وڃي.
هن چيو ته نين ترقياتي اسڪيمن ۾ ڪينالن ۽ واٽر ڪورسز جي لائننگ واريون اسڪيمون لازمي شامل ڪيون وڃن، اهڙيون اسڪيمون آڻڻ گهرجن، جيڪي زرعي پيداوار ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ھجن، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته زرعي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.
وڏي وزير صوبي ۾ صحت جون سهولتون بهتر ڪرڻ سميت پرائمري اسڪولن کي ايليمينٽري سطح تي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ رسمي توڙي غير رسمي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ٽيڪنيڪل ۽ اعليٰ تعليم لاءِ نيون اسڪيمون شروع ڪيون وڃن ۽ نوجوانن لاءِ راندين ۽ صحتمند سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ رٿابندي ترتيب ڏني وڃي.
هوڏانهن ناڻي کاتي جي اجلاس ۾ وڏي وزير غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ترقياتي رٿائن لاءِ فنڊ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
هن مالي وسيلن ۾ واڌ لاءِ حڪومت جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته صوبي جا ٽيڪس گڏ ڪندڙ ادارا ھدف ضرور حاصل ڪندا.
ايندڙ مالي سال ۾ جن اهم رٿائن لاءِ فنڊنگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، تنھن ۾ ڪراچيءَ لاءِ ڪي فور پاڻي جي فراهميءَ واري رٿا، شاھراهه ڀٽو ايڪسپريس وي ۽ ڪراچي ۾ هلندڙ ٽرانسپورٽ اسڪيمون شامل آهن.
سيد مراد علي شاهه سالياني ترقياتي پروگرام ۾ واڌ لاءِ نون منصوبن جي شروعات تي پڻ زور ڏنو ۽ مالي ذميواري جي اهميت تي روشني وڌي.
هن بچت جي پاليسين جي حمايت ڪندي چيو ته بچايل فنڊن کي ترقياتي سرگرمين لاءِ استعمال ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.