چيٽ ” جِي پِي ٽِي“ واهپيدارن لاءِ زبردست فيچر پيش ڪري ڇڏيو

اوپن اي آءِ چيٽ جي پي ٽي جي ڊيپ ريسرچ فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو آهي، جنهن جي مدد سان واهپيدار پيچيده رپورٽون فل فارميٽ پي ڊي ايف جي صورت ۾ امپورٽ ڪري سگهن ٿا.
تازي اپڊيٽ کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي ڇو ته ان کان اڳ واهپيدارن کي پنهنجي رپورٽن لاءِ چيٽ جي پي ٽي جا لنڪس يا اسڪرين شاٽس ٻين ماڻهن سان شيئر ڪرڻا پوندا هئا.
نئين فيچر جو فيچر استعمال به بنهه سولو آهي.
جڏهن توهان ڊيپ ريسرچ رپورٽ ٺاهيو ته پوءِ صفحي تي موجود شيئر آئيڪن تي ڪلڪ ڪريو.
اتي توهان کي ”شيئر لنڪ“ سان گڏ ”ڊائونلوڊ ايز پي ڊي ايف“ جو بٽڻ نظر ايندو، جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان مڪمل پي ڊي ايف فائل حاصل ڪري سگهو ٿا.
في الحال هي فيچر رڳو چيٽ جي پي ٽي پلس، ٽيم يا پرو سبسڪرپشن پلان استعمال ڪندڙن لاءِ دستياب آهي ۽ مفت سروس استعمال ڪندڙن کي ان تائين رسائي حاصل ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.