ڀارت پاران پاڪستاني سفارتڪار کي اڻوڻندڙ قرار ڏئي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت پاڪستاني سفارتڪار کي اڻوڻندڙ قرار ڏئي 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي هڪ ٻئي اهلڪار کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏنو ويو آهي. ڀارتي حڪومت پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي اهلڪار کي اڻوڻندڙ قرار ڏيندي کيس 24 ڪلاڪن اندر ڀارت ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڀارتي پرڏيهي وزارت موجب پاڪستاني ناظم الامور کي ڀارتي وزارتِ خارجه طلب ڪري هڪ احتجاجي خط ڏنو ويو. ڀارتي ميڊيا چينل ‘اي اين آءِ’ پاران سوشل ميڊيا پليٽفارم ‘ايڪس’ تي ڪيل پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڀارتي حڪومت نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ مقرر هڪ اهلڪار کي ناپسنديده قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڀارتي پنجاب ۾ پاڪستان لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ جاسوسي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ٻن ماڻهن مان هڪ عورت به شامل آهي. هڪ جوابدار تي ڀارتي فوج جي نقل و حرڪت بابت معلومات افشا ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.

  1. لاهور ايئرپورٽ ڀرسان ڊرون هٿ

لاهور (م ڊ) علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڀرسان هڪ ڊرون هٿ آيو، جيڪو سيڪيورٽي ادارن پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ذريعن موجب ڊرون ايئرپورٽ جي ويجهو ڪري پيو، اطلاع ملڻ تي سيڪيورٽي ادارا فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ هو ته ڊرون سان ڪنهن به قسم جو نقصان نه ٿيو آهي، جڏهن ته واقعي جي تفصيلي جاچ شروع ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.