ڀارتي حملن ۾ 40 شهري ۽ 11 جوانن شهادت جو جام پيتو: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) پاڪ فوج جي عوامي رابطي واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب، ڀارت جي وحشيانا ۽ بي سبب حملن جينتيجي ۾ 40 بيگناهه شهري ۽ پاڪ فوج جا 11 بهادر جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق، 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارتي فوج بلااشتعال ۽ قابل مذمت جارحاڻا حملا شروع ڪيا، جن ۾ معصوم شهرين، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي نشانو بڻايو ويو. ڀارتي حملن ۾ 40 شهري شهيد ٿيا، جن مان 7 عورتون ۽ 15 ٻار شامل آهن، جڏهن ته 10 عورتن ۽ 27 ٻارن سميت 121 ماڻهو زخمي ٿيا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪستاني هٿياربند فوجن ڀرپور ۽ دليرانه جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران 11 فوجي جوان مادرِ وطن جي حفاظت ڪندي شهيد ٿيا ۽ 78 جوان زخمي ٿيا. شهادت ماڻيندڙ بهادر جوانن ۾ شامل آهن: نائڪ عبدالرحمان، لانس نائڪ دلاور خان،لانس نائڪ اڪرام الله، نائڪ وقار خالد،سپاهي محمد عديل اڪبر،سپاهي نثار،پاڪ فضائيه جي شهيد اهلڪارن ۾ اسڪواڊرن ليڊر عثمان يوسف، چيف ٽيڪنيشن اورنگزيب، سينيئر ٽيڪنيشن نجيب،ڪارپوري ٽيڪنيشن فاروق،سينيئر ٽيڪنيشن مبشر شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.