پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته آبادگارن کي ايندڙ فصل لاءِ اربين رپين جي سبسڊي ڏني ويندي.
لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ زرعي ٽيوب ويلن جي سولرائيزيشن اسڪيم جو جائزو ورتو ويو ۽ ويٽ سپورٽ پروگرام جي لاڳو ڪرڻ لاءِ تجويزن تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ زرعي زمين جي مالڪن سان گڏ ٺيڪيدارن کي به شامل ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته 6 لک آبادگارن کي "هاري ڪارڊ” ذريعي في ايڪڙ 5 هزار رپيا ويٽ سپورٽ پرائيس ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ اهو به طئي ٿيو ته جيڪي آبادگار "هاري ڪارڊ” نٿا رکن، انهن کي به في ايڪڙ 5 هزار رپين جي سبسڊي ڏني ويندي.
اجلاس ۾ شريڪ ميمبرن کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته "هاري ڪارڊ” ذريعي ڏنل قرضن مان 60 سيڪڙو واپس ٿي چڪا آهن.
بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته آبادگارن "هاري ڪارڊ” ذريعي ورتل 22 ارب رپين جو قرض واپس ڪري ڇڏيو آهي.
بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آبادگارن کي "هاري ڪارڊ” ذريعي نئين فصل لاءِ ٻي قسط جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ويٽ سپورٽ پروگرام لاءِ مليل 50 سيڪڙو درخواستن جي تصديق به مڪمل ڪئي وئي آهي.
اجلاس دوران مريم نواز چيو ته آبادگارن کي ايندڙ فصل لاءِ به اربين رپين جي سبسڊي ڏني ويندي.