پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني جي ڀيڻ عليما خان جو 42 ڪيسن ۾ نالو داخل ڪيو ويو آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته مان پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ آئي آهيان، پر هتي اچي خبر پئي ته مون تي 42 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن۔
ان کان اڳ هن ٻڌايو هو ته پي ٽي آءِ جي باني طرفان جنيد اڪبر کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي چيئرمين شپ ڇڏڻ جي هدايت ڏيڻ جي اصل سبب بابت خبر پئجي وئي آهي.
عليما خان ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي باني جنيد اڪبر کي تحريڪ شروع ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، جڏهن ته پي اي سي جي چيئرمين شپ ۽ تحريڪ لاءِ گڏ وقت ڏيڻ مشڪل هوندو، انڪري کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پي اي سي جي چيئرمين شپ ڇڏي خيبر پختونخوا مان تحريڪ تي مڪمل ڌيان ڏئي.
عليما خان اهو به ٻڌايو ته عمران خان جنيد اڪبر کي پارٽي جي فيصلي ۽ تحريڪ جو مڪمل اختيار ڏنو آهي ۽ هن تحريڪ جو مقصد پي ٽي آءِ جي باني، ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي سان گڏ چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي خلاف آواز اٿارڻ آهي.