اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته روزويلٽ نيو يارڪ ۾ پاڪستان جي بهترين ملڪيت آهي، اهڙي عمارت نيو يارڪ ۾ ٻي ڪا به ناهي جنهن جا ٻه داخلي رستا هجن، جيڪا مرڪزي حيثيت رکي ٿي.
سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف وڌيڪ چيو ته اها 19 منزلن تي ٻڌل عمارت آهي، ڪوشش آهي ته ان تي ڪو جوائنٽ وينچر (گڏيل منصوبو) ٿي وڃي ته ان مان فائدو ٿيندو.
هن چيو ته جيڪڏهن عمارت وڪرو ڪئي وئي ته ان مان جيڪو پيسو ملندو، ان مان عارضي فائدو ته ٿي سگهي ٿو يا ڪو قرض لهي سگهي ٿو، پر اهو مستقل حل نه هوندو.
خواجا آصف چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته روزويلٽ نيو يارڪ تي ڪو جوائنٽ وينچر ڪيو وڃي، جنهن مان ڊگهي مدي وارو فائدو حاصل ٿي سگهي.