لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پاڪ فوج پاران آپريشن بنيان المرصوص جي تحت ڀارت کي ڏنل منھن توڙ جواب تي فخر جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي بزدلاڻي جارحيت جو جيڪو جواب ڏنو ويو، اُهو تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو.
مريم نواز چيو ته پاڪ سرزمين جي سپاهين تي سلام آهي، جن رڳو گولي سان نه، پر غيرت، ڏاهپ ۽ بهادري سان دشمن کي جواب ڏنو.
سندس جو چوڻ هو ته آپريشن بنيان المرصوص رڳو جوابي ڪارروائي نه پر هڪ تاريخي اعلان آهي ته پاڪستان ڪمزور ناهي، امن خاطر خاموش ضرور آهي، پر حد پار ٿيندي ئي صبر کي حڪمت ۾ بدلائي سخت وار ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سرحدون رڳو خاردار تارون نه، پر شهيدن جي رت سان محفوظ آهن ۽ پاڪستان امن جو خواهشمند ضرور آهي، پر جارحيت جو جواب خاموشي نه ضرب هوندو آهي.