اسان جنگ شروع نه ڪئي هئي پر ختم ضرور ڪنداسين، قوم کي پاڪ فوج تي فخر آهي: ڪامران اڪمل

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل ڀارت خلاف پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي تي پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي پاڪ فوج جي بهارن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
ڪامران اڪمل انسٽاگرام تي پاڪستان طرفان فائر ڪيل ميزائل ’فتح وَن‘ جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته” بسم الله الرحمٰن الرحيم.
هن وچيو ته ”آپريشن بنيان المرصوص، پوري قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي، پاڪ فوج زنده آباد.“
ڪامران اڪمل پاڪ فوج لاءِ دعا گهرندي چيو ته ” الله پاڪ اسان جي فوج کي طاقت، تحفظ ۽ فتح عطا فرمائي.“
هن عوام کان به اپيل ڪئي ته هو پنهنجي فوج لاءِ دعائون ڪن.
ٻئي طرف قومي ٽيم جي اڳوڻي اوپنر احمد شهزاد به ايڪس (ٽوئيٽر) تي لکيو” اسان هي جنگ شروع نه ڪئي، پر ختم ضرور اسين ڪنداسين.“
ياد رهي ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت، پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي پنجن هنڌن تي حملا ڪيا هئا، جنهن جو پاڪ فوج وقتائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو هو ۽ ڀارت جا 5 جهاز به تباهه ڪيا هئا.
پاڪستان طرفان بار بار خبردار ڪرڻ باوجود ڀارت جارحيت جاري رکي، جنهن ۾ ڊرون حملن کانپوءِ ميزائل ذريعي پاڪستاني ايئر بيسز کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
جنهن کانپوءِ ڏهه مئي جي صبح ڀارت جي جنگي جنون کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان طرفان آپريشن ”بُنيانٌ مَرصُوصٌ“ جي نالي سان شروع ڪئي وئي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت جا ڪيترائي هوائي اڏا، چيڪ پوسٽون ۽ فوجي ٿاڪ تباهه ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.