آپريشن بُنُيَان مَرصُوصُ: پاڪ فوج جي ڪامياب ڪارروائي، ايڊشنل ڊي ڊي راجوڙي مارجي ويو

سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪستان طرفان 10 مئي تي پرهه ڦٽيءَ شروع ڪيل ”آپريشن بُنُيَان مَرصُوصُ“دوران پاڪ فوج هڪ اهم ٽارگيٽ کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، جنهن ۾ والاريل ڪشمير جي راجوڙي ضلعي جو ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر راج ڪمار ٿاپا مارجي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، راج ڪمار ٿاپا ڀارتي حڪومت جي حمايت سان ڪشمير اندر دهشتگردن جو سهولتڪار هو، جيڪو مقامي مسلمانن لاءِ ڏهڪاءُ جي علامت بڻجي ويو هو، هو ڀارتي فوجي قيادت جي اهم گڏجاڻين پڻ شامل ٿيندو هو.
ياد رهي ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت، پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي پنجن هنڌن تي حملا ڪيا هئا، جنهن جو پاڪ فوج وقتائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو هو ۽ ڀارت جا 5 جهاز به تباهه ڪيا هئا.
پاڪستان طرفان بار بار خبردار ڪرڻ باوجود ڀارت جارحيت جاري رکي، جنهن ۾ ڊرون حملن کانپوءِ ميزائل ذريعي پاڪستاني ايئر بيسز کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
جنهن کانپوءِ ڏهه مئي جي صبح ڀارت جي جنگي جنون کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان طرفان آپريشن ”بُنيانٌ مَرصُوصٌ“ جي نالي سان شروع ڪئي وئي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت جا ڪيترائي هوائي اڏا، چيڪ پوسٽون ۽ فوجي ٿاڪ تباهه ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.