ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ سياستدان ڪنگنا رناوت طرفان پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ تي پاڪستاني اداڪارا حرا ماني سخت ردعمل جو اظهار ڪندي ڪنگنا آئينو ڏيکاري ڇڏيو .
سوشل ميڊيا پليٽفارم انسٽاگرام تي حرا ماني پنهنجي اسٽوري ۾ ڪنگنا جي بيان کي شيئر ڪندي لکيو ته ”توهان کي ريتڪ روشن بلڪل صحيح لات هنئي هئي، هاڻ توهان وٽ نه ڪم آهي، نه عزت“ پاڪستاني توکي گاريون ڏين ٿا ۽ ڀارتين به توکي سائيڊ ڪري ڇڏيو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”ڪنگنا! هاڻي رُوئڻ بند ڪر، ڇو ته اسان جي پاڪ فوج توهان جي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي ڇڏيو آهي.“