پاڪستان جون هوائي حدون مڪمل طور بحال، هڙئي ايئرپورٽ فلائيٽ آپريشن لاءِ کوليا ويا

سلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگبندي تي اتفاق کانپوءِ پاڪستان جون هوائي حدون هر قسم جي اُڏامن لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪري ڪيون ويون آهن.
پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان موجب، ملڪ جا هڙئي هوائي اڏا هاڻي فلائيٽ آپريشن لاءِ کليل آهن.
ترجمان وڌيڪ چيو ته مسافرن کان گذارش آهي ته پنهنجي پروازن جي تازي شيڊيول لاءِ لاڳاپيل ايئرلائين سان رابطو ڪن.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار سبب فضائي آپريشن عارضي طور معطل ڪيو ويو هو، جيڪو هاڻي ٻيهر بحال ٿي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.