اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي عادل الجبير پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي آهي.
پاڪستاني پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران علائقائي صورتحال ۾ ٿيندڙ تبديلين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اسحاق ڊار علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي آهي.
ياد رهي ته عادل الجبير ڀارت جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد اڄ اسلام آباد پهتو هو.