پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ: پاڪستان سپر ليگ اڻڄاتل مدي تائين ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جون ڏهون ايڊيشن اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان سپر ليگ جون رهيل اٺ ميچون پاڪ-ڀارت سرحدي ڇڪتاڻ سبب ملتوي ڪيون ويون آهن.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ميچون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو وزيراعظم جي مشوري تي ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي راءِ آهي ته موجوده حالتن ۾ سمورو ڌيان پاڪ فوج جي ڪوششن تي هئڻ گهرجي.
پي سي بي موجب، پاڪستان سپر ليگ جي نئين شيڊيول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.